حاجاڻو محمد يعقوب مولانا

حاجاڻو، محمد يعقوب، مولانا: مولانا محمد يعقوب ولد سونهارو خان حاجاڻو ناليوارو عالم ۽ تحريڪ آزاديءَ جو سرگرم ڪارڪن ٿي گذريو آهي. هن 26 جنوري 1912ع ڌاري ديهه لياري، تعلقي پٿوري ۾ جنم ورتو. ابتدائي عربيءَ جي تعليم ’دارالعلوم ولهيٽ‘ تعلقي عمرڪوٽ ۾ ورتائين. ان بعد ’دارالعلوم قراني‘ تعلقي پٿوري ۾ فقهه ۽ حديث جي تعليم پوري ڪري، ٻيهر ’دارالعلوم ولهيٽ‘ ۾ باقي رهيل ڪتاب ۽ تفسير پڙهيو.
تعليم جي تحصيل کانپوءِ سياست ۾ حصو ورتائين ۽ ’خلافت تحريڪ‘ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. خلافت تحريڪ جي خاتمي بعد ’انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس‘ ۾ رهيو. 1938ع ڌاري ’خاڪسار تحريڪ‘ ۾ شامل ٿيو ۽ ورهاڱي تائين ان ۾ سرگرم رهيو. حڪمرانن خلاف سرگرم سياست جي ڪري سول نافرمانيءَ جي ڏوهه ۾ قلم 307 هيٺ ٻن سالن لاءِ ڊسٽرڪٽ جيل ملتان ۾ قيد رهيو. جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ سرگرم ٿيو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي ماڻهن ۾ سياسي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو. ’خاڪسار‘ تحريڪ، تعلقي پٿوري جو سالار مقرر ٿيو. هن هارين جي حقن لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو